آئون عمران خان لاءِ ڀوائتو خواب آهيان: شهباز شريف

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳوان شهباز شريف چيو آهي ته هو عمران خان لاءِ ڀوائتو خواب آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي هن وقت آهي، غربت ۽ بيروزگاري گھر ڪري وئي آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته اهو عمران خان نيازي ۽ سندس حڪومت جي بدترين غفلت ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي.
شهباز شريف کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان اوهان کي گرفتار ڪرائڻ جي ڪڍ آهي جنهن تي هن جواب ڏنو ته ماڻهو چوندا آهن ته آئون عمران نيازي کي رات جو ڀوائتي خواب جيان ايندو آهيان.
عدم اعتماد واري رٿ جي سوال تي هن چيو ت اهو گڏيل مشاورت سان ٿيندو.

Read Previous

چين مصنوعي چنڊ ٺاهيندو

Read Next

تحريڪ انصاف پاران پ پ سرڪار خلاف لانگ مارچ جو اعلان

Most Popular