ملڪ ۾ 5 مهينن بعد ڪورونا ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وائرس سبب 4 هزار 340 ڄڻا متاثڙ ٿيا ۽ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جون 49 هزار 809 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا ڪيسن جي مثبت شرح 8.71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

هن وقت ملڪ ۾ وائرس جا 35 هزار 982 فعال ڪيس موجود آهن جن مان 781 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪيسن ۽ فوتگين جي صورتحال هيٺ بيان ڪجي ٿي.

  • پنجاب: هڪ هزار 131ڪيس، 2 فوتگيون
  • سنڌ 2 هزار 670 ڪيس، 3 فوتگيون
  • خيبرپختونخواهه 112 ڪيس، 2 فوتگيون
  • بلوچستان: 6 ڪيس
  • اسلام آباد: 413 ڪيس
  • گلگت بلتستان: 6 ڪيس
  • آزاد ڪشمير: 8 ڪيس

ان کانسواءِ وڌيڪ 302 ڄڻا وائرس مان صحتياب ٿيڻ ۾ ڪامياب رهيا ۽ گڏيل طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 12 لک 63 هزار 486 ٿي ويو.

اومي ڪرون جي پکيڙ سبب ملڪ جي صنعتي ۽ واپاري حب ڪراچي ۾ صورتحال سٺي ناهي جتي نه رڳو عام شهري پر طبي ورڪرز به شديد متاثر ٿي رهيا آهن.

ٻڌايو پيو وڃِ ته هاڻوڪي لهر دوران 500 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊڪس بيماري جو نشانو بڻيا.

گذريل ڏينهن هڪ سينيئر ڊاڪٽر پروفيسر صلاح الدين شيخ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو چوڻ هو ته ڪيترائي هيلٿ ڪيئر پروفيشنلز هن وقت وبا جو شڪار آهن.

Read Previous

تعليمي ادارن بابت فيصلو صوبن جي مشاورت سان ڪيو ويندو: اين سي او سي

Read Next

نيوي سيلنگ ڪلب بابت فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا

Most Popular