مري سانحو ڪيس: سڄي ذميواري ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي سربراهه جي آهي

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله مري سانحي جي ڪيس ۾ چيو آهي ته سموري ذميواري پنجاب ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي سربراهه جي آهي.

چيف جسٽس اطهر من الله مري سانحي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ مري جي رهواسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ئي مسئلو هو اين ڊي ايم اي قانون تي عمل نه ٿي رهيو هو.

پٽيشنر جي وڪيل چيو ته رڳو آفيسرن کي عهدن تائين هٽائڻ ڪافي نه آهي، ايڪشن به ٿيڻ گھرجي.

چيف جسٽس چيو ته قانون موجب ته سڄو ڪم ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جو هو، اها ڳالهه طئي ٿي وئِي آهي ته پاليسي ميڪنگ باڊي جي ڪڏهن به ميٽنگ نه ٿي‏، سموري ذميواري پنجاب جي سربراهه جي آهي.

هن چيو ته پٽيشن اچڻ تائين قانون تي عمل نه ٿي رهيو هو، هاڻ ان بابت ايڪشن به ورتو ويو آهي.

جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته عدالت قانون کي قانون کي ڏسڻو آهي پر صوبن ۾ به ان قانون تحت ڊزاسٽر مينيجمينٽ جون ميٽنگز نه ٿيون، جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته قانون موجب اهي سڀ ذميوار هوندا.

اٽارني جنرل ٻڌايو ته نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪميشن جي ميٽنگ لاءِ اين ڊي اي سفارش ڪئي آهي اها به ٿيندي.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته صوبن ۾ ٻيون به اٿارٽيز ٺهيل آهن اها انهن جي به ذميواري آهي، عدالت ان تي هدايت ڏيندي ته جيئن مستقبل ۾ ڪجهه اهڙو ٿئي ته ذميواري فڪس هجي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله کي کنگھه ٿي ته هن ٻڌايو ته منهنجي طبيعت خراب آهي، چيسٽ انفيڪشن آهي، آئون ٽيسٽ ڪرائي چڪو آهيان پر ڪووڊ رپورٽ ناڪاري آئي.

Read Previous

لاهور ڌماڪو لاءِ ڪيترا دهشتگرد آيا، تفصيل سامهون اچي ويا

Read Next

شاهه محمود قريشي به مهانگائي کي حڪومت لاءِ چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular