شاهه محمود قريشي به مهانگائي کي حڪومت لاءِ چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به مهانگائي کي حڪومت لاءِ چيلينج قرار ڏئي ڇڏيو.

قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان گذريل سالن ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا ۽ ڪُوڙي گوري کاڌي پر  هاڻ اسان استحڪام سان رڪوري طرف وڌي رهيا آهيون، اهو آءُ يا اوهان نه، ورلڊ بينڪ چئي رهي آهي.

هن چيو ته اسان 5 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي، جنهن صورتحال ۾ هنن جي حڪومت ۽ جن حالتن ۾ اسان 5.3 سيڪڙو گروٿ حاصل ڪئي آهي اهو مختلف آهي، اپوزيشن جڏهن حقيقتن تي ڳالهائيندي ته اسان ان کي تسليم ڪنداسين، اپوزيشن اسان جو چيلينج ناهي، مهانگائي آهي، اپوزيشن درست چوندي آهي ته ڀاڻ جون  قيمتون وڌي رهيون آهن، بلڪل وڌي آهي، ڏسڻو پوندو ته ڇو ڀاڻ جي قيمت وڌي آهي، پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هاري کي سستو ڀاڻ ملي رهيو آهي.

Read Previous

مري سانحو ڪيس: سڄي ذميواري ڊزاسٽر مينيجمينٽ جي سربراهه جي آهي

Read Next

پي ايس ايل 7 لاءِ 19 رانديگرن جو ريزرو پول تيار

Most Popular