لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، حڪومت کي راوي اربن منصوبي تي ڪم جاري رکڻ جي اجازت

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي پنجاب حڪومت کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو ڪالعدم ڏيڻ خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪهڙي غلطي آهي؟ پر ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس عدالتي سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو.

جسٽس اعجاز الاحسن ڪيس جي تياري نه ڪري اچڻ تي پنجاب حڪومت جي قانوني ٽيم جي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کي اهو علم ناهي ته ڪيس آهي ڇا.

جسٽس مظاهر نقوي ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ايڊووڪيٽ جنرل صاحب توهان تياري بنا آيا آهيو.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته جنهن ڪيس ۾ فيصلو ڏنو ويو، پنجاب حڪومت ان ۾ ڌر نه هئي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته مجموعي طور 18 درخواستون هيون، هڪ ۾ ڌر نه هجڻ سان فرق نٿو پئي، پنجاب حڪومت کي پنهنجو موقف هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻو هو، ٽيڪنيڪي نڪتن ۾ نه وڃو، ٺوس ڳالهه ڪيو.

سپريم ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي پنجاب حڪومت کي منصوبي تي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ گڏوگڏ حڪومتي اپيلن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

Read Previous

يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ٿر ۾ ڪوئلي جو وڏو ذخيرو نڪري آيو، جشن، وڏي وزير جون مبارڪون

Most Popular