پ پ حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 27 فيبروري تي ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ نڪرنداسين، سليڪٽڊ کي جمهوري طريقي سان هٽائڻ جمهوريت جو انتقام هوندو.

بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گهٻرائڻ جو وقت اچي ويو آهي، حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي، عمران خان تان عوام جو اعتماد کڄي ويو آهي، هاڻ پارليامينٽ جو اعتماد به کڄڻ گهرجي.

هن چيو هٿ ٺوڪئي کي پيغام پهچائي چڪا آهيون ته پ پ ميدان ۾ لهي رهي آهي، خان صاحب توهان جي معاشي حقن، توهان جي ووٽ، توهان جي پيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي، اسان برداشت نٿا ڪري سگهون، اسان جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجو حق کسڻ ڄاڻون ٿا، جمهوريت جو انتقام هوندو ته سليڪٽڊ کي جمهوري طريقي سان قومي اسيمبلي ۾ هارايون، اسان 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين، اسلام آباد وينداسين، بلوچستان جو عوام اسان جو ساٿ ڏيندو، مسئلن جو حل جمهوري جدوجهد آهي، اسان هٿيار نه ووٽ جي طاقت تي يقين رکون ٿا.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته 73ع جو آئين رياست ۽ عوام ۾ معاهدو آهي، توهان اسان کي هڪ ٻيو موقعو ڏيو، هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ تي يقين ڪيو، اسان وفاق پرست آهيون، سمجهون ٿا صوبن کي حق ملڻ سان وفاق مضبوط ٿيندو، سڀ صوبا پنهنجي وسيلن جا مالڪ هوندا ته وفاق مضبوط ٿيندو.

Read Previous

ن ليگ ۽ پ پ فضل الرحمان کي مک جيان ڪڍيو: شيخ رشيد

Read Next

آءِ ايم ايف جا پاڪستان کان ڪيل مطالبا سامهون اچي ويا

Most Popular