ننڍي عمر جي واهپيدارن لاءِ ٽڪ ٽاڪ جي نئين نظام تي ڪم جاري

مشهور ترين وڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ عمر موجب مواد ڏيکارڻ لاءِ مختلف ذريعن جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو مقصد ننڍي عمر جي واهپيدارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ آهي.

ان حوالي سان ڪم شروعاتي مرحلن ۾ اهي پر ڪمپني موجب ان جو مقصد ننڍي عمر جي واهپيدارن کي نامناسب وڊيوز کان تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.

ٻين سوشل ميڊيا ايپس جيان ٽڪ ٽاڪ به واهپيدار ن خاص ڪري ٻارن ۽ نوجوانن جي تحفظ جي حوالي سان اسڪروٽني کي منهن ڏئي رهي آهي.

ان حوالي سان ان بابت ڪجهه تفصيل ڪمپني طرفان جاري ڪيا ويا آهن.

ٽڪ ٽاڪ جي گلوبل پاليسي اشو ٽيم جي سربراهه ٽريسي ايلزبٿ بڌايو ته اهڙي فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنٽينٽ ميچورٽي ۽ ڪمفرٽ زونز موجب مواد جي نشاندهي ڪري سگھندو.

Read Previous

وزيراعظم پاران ايف سي ۽ رينجرز جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان

Read Next

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ حجاب پائيندڙ شاگردياڻين لاءِ ڌرتي تنگ، هراسان ٿيڻ لڳيون

Most Popular