ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ حجاب پائيندڙ شاگردياڻين لاءِ ڌرتي تنگ، هراسان ٿيڻ لڳيون

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ هندو انتهاپسندن حجاب پائيندڙ شاگردياڻين جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي.

ڪرناٽڪ ۾ روڊ تان گذرندڙ اڪيلي شاگردياڻي کي زعفراني رنگ جو مفلر پاتل انتهاپسندن طرفان تنگ ڪرڻ جي هڪ ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برقعي ۾ ڪاليج ويندڙ شاگردياڻي کي انتهاپسند هراسان ڪري رهيا آهن پر ناري انهن جو ڄمي مقابلو ڪيو.

هجوم ۾ شامل ماڻهن ڇوڪريءَ سامهون ”جئي شري رام“ جا نعرا هنيا، جڏهن ته ناري انتهاپسندن کان ڊڄڻ بدران انهن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ ”الله اڪبر“ جا نعرا هنيا.

ناري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان ڪاليج وڃي رهي هيس ته ڪجهه ماڻهن مون کي چيو ته تون برقعو لاهڻ کانپوءِ ئي احاطي ۾ داخل ٿي سگهين ٿي، انهن مون کي اندر وڃڻ کان روڪيو.

هوڏانهن ڪرناٽڪ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ باحجاب شاگردياڻي کي حجاب سبب ڪاليج ۾ داخلا نه ڏني وئي هئي.

رپورٽن موجب شاگردياڻين جي احتجاج کانپوءِ کين ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ته ملي وئي آهي پر انهن کي الڳ ڪمرن ۾ ويهاريو ويو آهي.

انتظاميا جو چوڻ هو ته شاگردياڻين کي ڪلاس ۾ اچڻ جي اجازت تڏهن ملندي، جڏهن اهي حجاب لاهي ۽ ڪاليج يونيفارم پائي اينديون.

واضح رهي ته ڪرناٽڪ ۾ ڪاليج پرنسپال گذريل هفتي شاگردياڻين جي حجاب پائڻ تي پابندي هنئي هئي، جنهن کانپوءِ شاگردياڻيون سراپا احتجاج آهن.

Read Previous

ننڍي عمر جي واهپيدارن لاءِ ٽڪ ٽاڪ جي نئين نظام تي ڪم جاري

Read Next

حريم شاهه جو مڙس سنڌ پوليس جو برطرف سپاهي نڪتو، رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف

Most Popular