شعيب اختر سياست ۾ نه اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر سياست ۾ نه اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

شعيب اختر نجي ٽي وي چينل جي شو جو مهمان بڻيو ۽ شو دوران ڪرڪيٽر پنهنجي سياست ۾ نه اچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته منهنجي ماءُ مون کي سياست ۾ اچڻ کان منع ڪيو هو.

اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي بابت چيو ته هو ڪرڪيٽ کان پوءِ 100 سيڪڙ سياست ۾ ويندو.

هن بالي ووڊ فلمن ۾ اداڪاري جي حوالي سان ٻڌايو ته مون کي ڀارت ۾ گينگسٽر جي ٽن ڪردارن جي آڇ ٿي هئي پر انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن موقعو مليو ته ريشم ۽ ريما ٻنهي سان گڏ هڪ ئي فلم ۾ ڪرڻ چاهيندس.

Read Previous

ڀارتي سپريم ڪورٽ جو حجاب بابت درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار

Read Next

چوٿين شادي جي به گنجائش آهي

Most Popular