چوٿين شادي جي به گنجائش آهي

پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ مشهور ٽي وي ميزبان عامر لياقت حسين جو چوڻ آهي ته سندس شادي ذريعي ٻه قومون مهاجر ۽ سرائيڪي هڪ ٿي ويا، جيڪي ماڻهو ٻي شادي جا خواهشمند آهن اهي پنهنجي پهرين زال کان نه پر الله کان ڊڄن.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عامر لياقت چيو ته اسلام وڌيڪ شادين جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، ماڻهو پهرين زال کان ڊڄي ٻي شادي نٿا ڪن، جيڪي ٻي شادي ڪرڻ چاهين ٿا اهي زال کان نه الله کان ڊڄن.

هن چيو ته وٽس چوٿين شادي جي گنجائش به موجود آهي. پاڪستان ۾ مردن کي ٻي، ٽئين ۽ چوٿين شادي جي اجازت ڏني وئي، شادي ٿي وڃي تڏهن به انسان ٻين ڏانهن ڏسندو آهي، ان لاءِ وڌيڪ شادين جو حڪم ڏنو ويو.

Read Previous

شعيب اختر سياست ۾ نه اچڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

Read Next

سعودي عرب اليڪٽرانڪ پاسپورٽ جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular