اسرائيلي فوج هٿان پنهنجي گھر جي حفاظت ڪندڙ فلسطيني نوجوان شهيد

والاريل  بيت المقدس ۾ اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ھڪ فلسطيني نوجوان شھيد ٿي ويو.

فلسطين جي صحت وزارت ٻڌايو آھي تھ اولهه ڪناري  اسرائيلي فورسز جي فائرنگ دوران 17 سالن جو فلسطيني ڇوڪرو گولي لڳڻ سبب شھيد ٿيو، جڏھن تھ 10 ڄڻا زخمي ٿي ويا.

قابض اسرائيلي فوجين فلسطيني شھري جي گھر تباھھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ سبب وڏي انگ ۾ علائقي جا ماڻھو ٻاھر نڪري آيا ۽  اسرائيلي ظلم خلاف احتجاج ڪيو.

فلسطيني مظاھرين تي پوليس آنسوگيس جو استعمال ڪيو ۽ لٺيون وسايون ۽ ڪيترن ئي فلسطينين کي گرفتار بھ ڪيو  ويو.

Read Previous

ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جيسن راءِ مٿان ڏنڊ

Read Next

اسڪول ۾ 10ورهين جي نينگري سان جنسي زيادتي

Most Popular