پاڪ – آسٽريليا ٽيسٽ سيريز لاءِ ”بينو قادر“ ٽرافي متعارف

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا گڏيل طور تي بينو قادر ٽرافي متعارف ڪرائي ڇڏي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ مهمان ٽيم جي قائد پيٽ ڪمنز اربع ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بينو قادر ٽرافي جي رونمائي ڪئي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٻن ليجنڊري ليگ اسپنرز سان منسوب ان ٽرافي کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد آسٽريليا جي 24 سالن کانپوءِ پاڪستان دوري جو جشن ملهائڻ آهي.

مستقبل ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندڙ هر ٽيسٽ جي پڄاڻي تي فاتح سائيڊ کي اهڙي ئي ٽرافي ڏني ويندي.

Read Previous

روس، يوڪرين سان امن ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ تيار

Read Next

جيترو ٽيڪس ڏيندئو اهو هيٺئين طبقي تي لڳائيندس: وزيراعظم جو قوم سان نئون واعدو

Most Popular