عبدالله شفيق ۽ امام الحق 51 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

راولپنڊي ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم جي اوپنرن عبدالله شفيق ۽ امام الحق نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو.

امام الحق ۽ عبدالله شفيق آسٽريليا خلاف ٽيسٽ جي ٻي اننگ ۾ به سينچري پارٽنرشپ ڪئي، جنهن کانپوءِ اھا 51 سالن کانپوءِ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچري پارٽنرشپ ٺاهڻ واري پهرين اوپننگ جوڙي بڻجي وئي آھي.

اهو ڪارنامو 1971ع ۾ انگلينڊ جي جيوفري بائيڪاٽ ۽ جان ايڊريچ انجام ڏنو هو.

آسٽريليا خلاف ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ ڪنهن به وڪيٽ تي ٻه سينچريون اسڪور ڪرڻ واري ھيءَ ٻي جوڙي آهي، جڏهن ته امام ۽ عبدالله جي جوڙي پاڪستان جي ٽين اوپننگ جوڙي آهي، جنهن هڪ ٽيسٽ ۾ ٻه سينچريون اسڪور ڪيون آهن.

عمران فرحت ۽ توفيق عمر اهو ڪارنامو 2003 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف انجام ڏنو هو، جڏهن ته عبدالله شفيق ۽ عابد علي گذريل سال بنگلاديش خلاف ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون هيون، يونس خان ۽ اظهر علي اهو ڪارنامو ٽين وڪيٽ لاءِ 2014ع ۾ انجام ڏنو ھو.

Read Previous

عورتن ۾ دنيا تبديل ڪرڻ جي طاقت آهي: شاهد آفريدي

Read Next

روس يورپ کي گئس فراهمي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Most Popular