روس يورپ کي گئس فراهمي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

روس ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن روس کان تيل جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪئي ته يورپ لاءِ گئس فراهمي روڪي ڇڏينداسين.

اها ڳالهه اهم آهي ته يورپ جي گئس جون 40 سيڪڙو ضرورتون روس پوريون ڪندو آهي.

آمريڪا طرفان اولهه اتحادي ملڪن تي زور ڏنو پيو وڃي ته اهي روسي تيل جي درآمدن کي روڪين.

يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ آمريڪا ۽ يورپي ملڪ روس خلاف سخت ترين پابنديون لاڳو ڪري چڪا آهن پر آمريڪا جي خواهش آهي ته انهن ۾ وڌيڪ شدت آندي وڃي.

روسي نائب وزيراعظم ايليگزينڊر نوواڪ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ روسي تيل جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪن ٿا ته تيل جون قيمتون 3 سئو ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهن ٿيون.

Read Previous

عبدالله شفيق ۽ امام الحق 51 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

Read Next

مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان، هيءَ اپوزيشن جي آخري واردات هوندي: وزيراعظم

Most Popular