مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان، هيءَ اپوزيشن جي آخري واردات هوندي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪيڏانهن ڪو نه پئي وڃي، وڌيڪ چست ٿي ايندي، مان خوش آهيان ته هيءَ اپوزيشن جي آخري واردات هوندي، اسان انهن کي اهڙي شڪست ڏينداسين جو هي 2028 تائين نه اٿي سگھندا.

ڊجيٽل ميڊيا جي صحافين سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جهانگير ترين کي مان سڃاڻان ٿو، هو ڪڏهن چورن سان نه گڏبو، اپوزيشن پٺيان هڪ هٿ ناهي، ڪيترائي پرڏيهي هٿ آهن.

هن چيو ته ڪپتان هڪدم پنهنجي حڪمت عملي ناهي ٻڌائيندو، مون سموري تياري ڪري ڇڏي آهي، نومبر گھڻو پري آهي، جڏهن وقت ايندو فيصلو ڪنداسين، عثمان بوزدار هڪ سولو ٽارگيٽ آهي، جيڪي وزير اعليٰ جا اميدوار آهن، انهن کي رڳو عثمان بوزدار وڏو لڳي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ميمبرن کي 18-18 ڪروڙ آڇيا پيا وڃن، مون ميمبرن کي چيو انهن کان پئسا وٺو ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو، جيڪي ماڻهو آزاد پرڏيهي پاليسي نٿا ڏسڻ چاهين اهي اپوزيشن کي سپورٽ ڪندا آهن.

عمران خان چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽن ميمبرن کي پئسا ڏنا، ڪنهن ڪو ايڪشن نه ورتو، هر هنڌ پئسو هليل آهي، مان نه آمريڪا جو مخالف آهيان نه ڀارت جو، انهن جي پاليسين تي تنقيد ڪندو آهيان.

وزيراعظم چيو ته فوج پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، اها ڪڏهن انهن چورن جو ساٿ نٿي ڏئي سگھي، اپوزيشن سان عوام ناهي ته هاڻي هي چون ٿا اسيبلشمينٽ اسان سان گڏ آهي، اسان جا سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن.

هن چيو ته ٿي سگھي ٿو آمريڪا آءِ ايم ايف ذريعي اسان تي دٻاءُ وجهي، آءِ ايم ايف ذريعي دٻاءُ وجهندا پر وقت اچڻ تي ڏٺو ويندو، هن وقت مائينڊ گم هلي رهي آهي ۽ مان مائينڊ گيم جو ماسٽر آهيان.

Read Previous

روس يورپ کي گئس فراهمي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

ڪراچي: وزيراعظم جي ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان ملاقات

Most Popular