ڀارتي عدالت به شاگردياڻين کي حجاب پائڻ جي اجازت نه ڏني

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي تعليمي ادارن ۾ برقعي تي پابندي جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

هاءِ ڪورٽ مسلمان شاگردياڻين طرفان ڪاليجن ۾ برقعو پهرڻ جي اجازت لاءِ داخل درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

ڪرناٽڪ هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن ۾ برقعي تي پابندي کي برقرار رکندي چيو ته حجاب پهرڻ اسلامي عقيدي جو لازمي مذهبي عمل ناهي.

هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريتوراج اوسٿي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته تعليمي ادارن کي يونيفارم تجويز ڪرڻ جو حق آهي.

خيال رهي ته ڪرناٽڪ جي ڪجهه ڪاليجن طرفان برقعي تي پابندي خلاف درخواست مسلمان شاگردياڻين داخل ڪئي هئي.

Read Previous

اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت الڳ الڳ ناهن: پرويز خٽڪ

Read Next

عمران هاشمي پاڪستان ۾ ڇا پيو ڪري؟

Most Popular