عمران هاشمي پاڪستان ۾ ڇا پيو ڪري؟

سوشل ميڊيا تي عمران هاشمي جون تصويرون گردش ڪري رهيون آهن، جن کي ڏسي مداح حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن.

انسٽاگرام تي عمران هاشمي جي هم شڪل پاڪستاني نوجوان مزداڪ جان جي  وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس بالي ووڊ گاني تي لپ سنڪنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ميڊيا رپورٽس موجب مزداڪ جان جو واسطو پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا سان آهي، جيڪو عمران هاشمي جهڙو نظر اچي ٿو ۽ ان کان اڳ به ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪري چڪو آهي.

ماضي ۾ عمران هاشمي به پنهنجي هم شڪل کي ڏسي حيران ٿي ويو هو ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي مزداڪ جون تصويرون شيئر ڪندي رد عمل ڏنو هيائين.

عمران هاشمي چيو هو ته هي ٺڳ ڪير آهي، جنهن منهنجو اسٽائل چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

Read Previous

ڀارتي عدالت به شاگردياڻين کي حجاب پائڻ جي اجازت نه ڏني

Read Next

جڳ مشهور ريسلر ريزر ريمن لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular