بابر اعظم، عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ، ڪراچي ٽيسٽ ڊرا

پاڪستاني ٽيم ڪپتان بابر اعظم، عبدالله شفيق ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ جي مدد سان ڪراچي ٽيسٽ ميچ ڊرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل اننگز ٻه وڪيٽن جي نقصان تي 192 رنسن کان شروع ڪئي.

ڪريز تي موجود بابر اعظم ۽ عبدالله شفيق دفاعي انداز اختيار ڪيو ۽ آسٽريلوي بالرن کي وڪيٽ وٺڻ نه ڏني پر کاڌي جي وقفي کانپوءِ ڪجهه اوور اڳ ۾ عبدالله شفيق نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو، هن 228 بالن تي 96 رنسن جي اننگز کيڏي.

کاڌي جي وقفي کانپوءِ فواد عالم به آئوٽ ٿي ويو، جنهن رڳو 9 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ نائب ڪپتان محمد رضوان بيٽنگ ڪرڻ آيو ۽ بابر اعظم سان گڏجي محتاط انداز ۾ اسڪور اڳتي وڌائڻ جو سلسلو جاري رکيو.

ٻنهي چانهه جي وقفي تائين بيٽنگ ڪئي، بابر اعظم ان دوران پنهنجون 150 رنسون مڪمل ڪري ورتيون، چانهه جي وقفي کانپوءِ بابر اعظم پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پهرين ڊبل سينچري کان رڳو 4 رنسون پوئتي هو ته نيٿن ليون جي بال تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن جي ايندڙ بال تي فهيم اشرف کاتو کولڻ بنا ئي پويلين موٽي ويو.

نئون ايندڙ بيٽسمين ساجد خان به 9 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ ميچ دلچسپ صورتحال اختيار ڪري وئي پر ٻئي پاسي ڏانهن محمد رضوان ذميواراڻي بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ نه رڳو پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي ٽيم کي شڪست کان به بچايو.

پاڪستان راند ختم ٿيڻ تائين 7 وڪيٽن جي نقصان تي 438 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان 104 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

Read Previous

ناديا خان، شرميلا فاروقي جي ماءُ سان مبينا اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻولهه واري ڪيس مان بري

Read Next

آمريڪي پابندين جي جواب ۾ روس جو وڏو فيصلو

Most Popular