پنوعاقل سانگي لڳ قلندر جي پانڌيئڙن سان ڀريل ڪوچ سان حادثو،ڪيترائي ماڻھو زخمي

پنوعاقل (رپورٽ طفيل آفتاب ڪورائي)پنوعاقل سانگي لڳ قلندر جي پانڌيئڙن سان ڀريل ڪوچ سان حادثو،ڪيترائي ماڻھو زخمي، خبر موجب پنجاب کان سيوھڻ قلندر جي عرس تي ويندڙ زائرين سان پنوعاقل جي علائقي سانگي لڳ ڪوچ جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪوچ روڊ کان ھيٺ کاھين ۾ ڪلٽي ٿي پئي جنھن ۾ ڪيترائي زائرين زخمي ٿي پيا،ريسڪيو ٽيمن پھچي ڪوچ اندر ڦاٿل زائرين کي ٻاھر ڪڍيو ۽ زخمين کي اسپتال پھچايو،واضح رھي ته پنوعاقل نيشنل ھائي وي تي روڊ حادثہ روز جو معمول بڻيل آهن جنھن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن

Read Previous

عدالت جو ٽيلي گرام بند ڪرڻ جو حڪم

Read Next

زويا ناصر جو ننڍي عمر ۾ ئي شادي ۽ طلاق ٿيڻ جو انڪشاف

Most Popular