زويا ناصر جو ننڍي عمر ۾ ئي شادي ۽ طلاق ٿيڻ جو انڪشاف

ماڊل ۽ اداڪارا زويا ناصر چيو آهي ته سندس پهرين شادي ننڍي عمر ۾ ٿي، جيڪا مختلف سببن جي ڪري طلاق تي ختم ٿي.

زويا ناصر پهريون ڀيرو هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو راز ٻڌائيندي اعتراف ڪيو ته شادي کان ڪجهه وقت پوءِ ئي سندس طلاق ٿي وئي.

انٽرويو دوران هن پنهنجي شوبز ڪيريئر بابت به کليل نموني ڳالهايو ۽ چيو ته سندس خيال آهي ته اداڪارن کي شروعات ۾ مرڪزي ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي.

زويا ناصر موجب ماضيءَ ۾ هڪ ڊرامي ۾ ڪم ڪندي کيس انجيڪشن ذريعي رنگ اڇو ڪرڻ جي به آڇ ڪئي وئي هئي ۽ کيس چيو ويو هو ته ڪردار لاءِ اڇو هجڻ لازمي آهي پر هن انڪار ڪيو هو.

ماڊل ۽ اداڪارا شوبز انڊسٽري ۾ مائٽن ۽ پسند جي ماڻهن کي نوازڻ بابت به ڳالهايو ۽ چيو ته پنهنجي پيارن کي نوازڻ انڊسٽري ۾ عام رواج آهي.

انٽرويو دوران زويا ناصر جو چوڻ هو ته يوٽيوبر ٿيڻ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، ڪجهه دوستن جي صلاح تي يوٽيوبر بڻجي وئس پر هن محسوس ڪيو ته هو اهو ڪم نه ڪري سگهندي.

Read Previous

پنوعاقل سانگي لڳ قلندر جي پانڌيئڙن سان ڀريل ڪوچ سان حادثو،ڪيترائي ماڻھو زخمي

Read Next

”لڳي ٿو روزو کولڻ جو وقت اچي ويو آهي“ چوڌري نثار خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular