موت جو سبب بڻجندڙ غير ضروري شيءِ جو خوشيءَ سان استعمال ڇو؟

ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ صحت لاءِ خطرناڪ ڪيتريون ئي شيون استعمال ڪندو رهندو آهي. پر هڪ اهڙي شيءِ به آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ گهڻي استعمال ٿيندي آهي جيتوڻيڪ ان جا صحت لاءِ اهڙا ته موتمار اثر آهن جو شايد ئي ڪنهن ٻئي شيءِ ۾ هوندا جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها شيءِ استعمال ڪرڻ ضروري به ناهي.

توهان يقينن پريشان هوندا ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ايتري خطرناڪ آهي؟. اها شيءِ مهمانن ۽ دوستن سميت هر هنڌ هر روز استعمال ٿيڻ واري بوتل آهي.

سافٽ ڊرنڪس کي سڄي دنيا ۾ گهڻي کان گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي رڳو آمريڪا ۾ ئي سراسري جي حساب سان هر ماڻهو هڪ سال ۾ ستونجاهه ليٽر سوڍا پيئندو آهي پر اها جسم جي اندر ڪهڙا اثر ڇڏيندي آهي اها ڳالهه تمام خطرناڪ آهي.

جيئن توهان سافٽ ڊرنڪس کي ڳيتيندا آهيو ته لبلبو ان بابت باخبر ٿي ويندو آهي ۽ کنڊ جي لاءِ فوري طور تي انسولين ٺاهڻ لڳندو آهي. جيئن ته توهان کي خبر هوندي ته انسولين اها شيءِ آهي جيڪا کنڊ کي خوراڪ يا پيئڻ واري شربتن دوران رت ۾ موڪلڻ جو ڪم ڪندي آهي جتي سيل انکي توانائي جي لاءِ استعمال ڪندا آهن. رڳو ويهه منٽن جي ٿوري وقت ۾ بلڊ شگر وڌي ويندي آهي جگر کنڊ کي چرٻي ۾ مٽائي گڏ ڪري رکي ڇڏيندو آهي.

پنجيتاليهه منٽن جي اندر سافٽ ڊرنڪس ۾ موجود ڪيفين مڪمل طور تي جسم ۾ جذب ٿي ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ بلڊ پريشر به وڌي ويندو آهي جڏهن ته جسم گهڻي ڊوپامائن بڻائڻ لڳندو آهي جنهن سان دماغ جي وچ ۾ اهڙي ته خوشي جو احساس پيدا ٿيندو آهي جهڙوڪ توهان ناقص ۽ خراب ترين معيار جي ڪوڪين کي استعمال ڪيو هجي.

هڪ ڪلاڪ کانپوءِ بلڊ شگر جي سطح ڪرڻ شروع ٿي ويندي آهي جيڪا وري اوستائين گهٽ رهندي آهي جيستائين ٻئي سافٽ ڊرنڪ يا مٺاڻ واري شيءِ استعمال نه ڪئي وڃي.

پر ڳالهه رڳو اتي ختم ناهي جيڪڏهن اهڙا شيون پيئڻ توهان جي عادت بڻجي چڪي آهي ته انهن جي خطرن سان منهن ڏيڻ جي لاءِ به تيار رهڻ گهرجي.

ڪينسر جي خطرن ۾ واڌ

ڪيترين ئي صحت جي تحقيقن ۾ ڪينسر جي ڪيترن ئي قسمن ۽ سافٽ ڊرنڪس جي استعمال جي وچ ۾ وڏو ڳانڍاپو ڏٺو ويو آهي. جن موجب ته هفتي ۾ رڳو ٻه مٺا شربت ئي انسولين جي سطح وڌائي ڇڏيندا آهن جنهن جي ڪري وري لبلبي جي ڪينسر جو خطرو وڌي ويندو آهي.

اهڙي ريت روز هڪ شربت جو استعمال مردن ۾ مثاني جي ڪينسر جي خطرن کي چاليهه سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيندو آهي جڏهن ته عورتن ۾ وري ڇاتي جي ڪينسر جا امڪان وڌائي ڇڏيندو آهي.

دل جون بيماريون

آمريڪي ماهرن پيئڻ وارين سڀني مٺين شين سان روز جي بنيادن تي خوراڪ ۾ جسم جو حصو بڻجڻ واري ڪيلوريز ۽ رڳن جي مسئلن سان ٿيندڙ فوتگين واري شرح جي وچ ۾ هڪ مضبوط ڳانڍاپو لڌو آهي ۽ انهن اها دعويٰ ڪئي آهي ته سافٽ ڊرنڪس جا ٽي ڪين روز استعمال ڪرڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو به ٽي سيڪڙو وڌي ويندو آهي.

شگر/ذيابطيس

اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته گهڻو مٺاڻ ذيابطيس ٽائيپ ٽو جو سبب بڻبو آهي. هڪ تحقيق موجب انهن مٺين شين جي استعمال جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ شگر جي مريضن ۾ وڏي پيماني تي واڌ ٿي آهي.

جگر کي نقصان

هڪ تحقيق موجب ته اهي مٺاڻ وارا شربت يا سافٽ ڊرنڪس جگر جي چرٻي جي مرضن جو سبب به بڻبا آهن ۽ روز ٻن ڪينن جو استعمال جگر کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪافي آهي.

دماغ ۾ تبديلي

جسم ۽ ٻين عضون تي اثر سان گڏوگڏ اهي سافٽ ڊرنڪس يا مٺا شربت دماغ جي پروٽين ليول به مٽائي ڇڏيندا آهن جيڪي هائپر ايڪٽوٽي جو خطرو وڌائي ڇڏينديون آهن.

وقت کان اڳ ڪراڙپ

اهڙن مٺين شين ۾ موجود فاسفورس ڪراڙپ ڏانهن سفر کي تيز ڪندو آهي. اهو رڳو گهنج پوڻ جو ئي سبب ناهي بڻبو پر عمر وڌڻ سان ئي صحت جا خطرناڪ مسئلا پيدا ڪندو آهي جهڙوڪ گردن جون بيماريون ۽ رڳن جي تنگي جا سبب بڻجي وينديون آهن.

ٿولهه

اها ته چِٽي پِٽي ڳالهه آهي ته جسم ۾ گهڻيون ڪيلوريز وينديون ته ٿولهه جا امڪان به وڌي ويندا ۽ مٺاڻ ته ٿولهه جو سبب بڻبو ئي بڻبو آهي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڊائٽ واريون پيئجندڙ شيون (جن کي شگر فري ڪوٺيو وڃي ٿو) به پيٽ ٻاهر ڪڍڻ ۽ گردن تي خطرناڪ اثر ڇڏڻ جو سبب بڻجن ٿيون. هڪ تحقيق موجب اهڙين شين جو استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ ٿولهه انهن شين کان پري رهڻ واري ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٽي حصا وڌيڪ هوندي آهي.

الزائمر

آمريڪا ۾ ڪوئن کي اهڙي مٺين شين جا پنج ڪين هڪ جيتري مٺاڻ سان استعمال ڪرايا ويا ۽ اها خبر پئي ته انهن جي دماغ ۾ زهريلي مادن ۽ زهريلي شين جي واڌ ٿي وئي. جنهن ڳالهه مان اها ثابتي ملي ٿي ته اهڙيون سافٽ ڊرنڪس الزائمر جو خطرو به وڌائي سگهن ٿيون.

Read Previous

واٽس ايپ شيون موٽائڻ وارا فيچر آڻڻ ۾ اڳڀرو

Read Next

“سگريٽ ڇڪي پيءُ بيمار پٽ ٿيندو”

Most Popular