“سگريٽ ڇڪي پيءُ بيمار پٽ ٿيندو”

A Pakistani man smokes a cigarette in Lahore on May 31, 2011, on "World No Tobacco Day”. Pakistan accounts for a large proportion of the cigarettes consumed in South Asia where about 100,000 people die annually from diseases caused by the use of tobacco, reports the Coaltion of Tobacco Control in Pakistan. AFP PHOTO/ARIF ALI (Photo by Arif Ali / AFP)

پيءُ جي سگريٽ ڇڪڻ واري عادت ٻارن کي ساهه منجهڻ جي بيماري ڪرائي سگهي ٿي

هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻارن ۾ دم جو امڪان وڌي ويندو آهي جيئن پيءُ جي ننڍپڻ ۾ هو سيڪنڊ هينڊ سموڪرز هجن جڏهن ته ڦڦڙڻ جي اها عام بيماري انهن ٻارن ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي جن جا ماءُ يا پيءُ سگريٽ روزانو جي بنياد تي واپرائيندا هجن

تحقيق ۾ نسلن ۾ منتقل ٿيندڙبيمارين بابت جائزو ورتو ويو

آسٽريليا، برطانيا ۽ سريلنڪا جي ماهرن ان تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته انهن ٻارن ۾ ساهه منجهڻ جي بيماري جو خطرو اڻهٺ سيڪڙو وڌي ويندو آهي جن جا پيءُ ۽ ماءُ پنهنجي ننڍپڻ ۾ سگريٽ جي دونهين جي ويجهو رهيا هجن

ماهرن ٻڌايو ته اهو خطرو ٻاهتر سيڪڙو ٿي ويندو آهي جڏهن ٻارن جا ماءُ ۽ پيءُ سڌي ريت سگريٽ واپرائڻ جا عادي هجن

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته نتيجن مان ثابت ٿيو آهي ته نه صرف سگريٽ پيئڻ وارا ماڻهو هاڃيڪار اثرن کي منهن ڏيندا آهن پر انهن جي ٻارن کي به مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي

هنن چيو ته مردن کي سگريٽ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جو ايندڙ نسل ڪنهن بيماري جو شڪار نه ٿئي

ان تحقيق ۾ هڪ هزار ڇهه سو اڻانوي مردن ۽ ٻارن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو

تحقيق موجب پيءُ جو سگريٽ واپرائڻ ايندڙ نسل ۾ ساهه منجهڻ واري بيماري جو سبب بڻجندو آهي

Read Previous

موت جو سبب بڻجندڙ غير ضروري شيءِ جو خوشيءَ سان استعمال ڇو؟

Read Next

سلطانپور ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سکر تي سنگرار ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو،

Most Popular