ڀارتي فرنچائز کي پي سي بي جي نقل ڳچيءَ ۾ پئجي وئي

آءِ پي ايل جي فرنچائز سن رائزرز ايسٽرن ڪيپ کي سوشل ميڊيا تي سخت ٽرولنگ کي منهن ڏئي رهي آهي.سن رائزرز ايسٽرن ليگ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان رانديگرن جي پاسپورٽ تي تصويرون لڳائي ڪيو ته ٽوئيٽر تي پاڪستاني واهپيدارن ان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آئيڊيا جي ڪاپي قرار ڏنو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيڌرلينڊ ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان پاسپورٽ تي رانديگرن جو تصويرون لڳائي ڪيو هو جنهن ۾ پي سي بي طرفان جاري ڪيل ويڊيو ۾ رانديگرن جي معلومات پڻ ڏنل هئي.پي سي بي طرفان جاري ڪيل ان ويڊيو کي واهپيدارن تمام گهڻو پسند ڪيو هو ڇاڪاڻ ته اهو اهڙي قسم جي نواڻ انتهائي انوکي هئي.

Read Previous

”ايان علي هاڻي اها ناهي رهي“، اداڪارا جو نرالو روپ

Read Next

رات جو دير تائين جاڳندڙ موتمار بيمارين کي دعوت ٿا ڏين

Most Popular