پيمرا ٽي وي چينلز تي اعليٰ عدالتن جي ججن خلاف مواد نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

پیمرا پابندی

اسلام آباد: پيمرا هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن سان لاڳاپيل ڪنهن به مواد کي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي فوري نشر ڪرڻ يا ٻيهر نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) خبردار ڪيو آهي ته سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز رياستي ادارن خلاف مواد نشر ڪرڻ وارين اڳوڻين هدايتن باوجود ججن خلاف بدنامي وارا الزام نشر ڪري رهيا آهن ۽ ججن خلاف توهين واري مهم هلائي رهيا آهن.

عدالت آئين جي آرٽيڪل 68 جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙو مواد نشر ڪرڻ تي سختي سان پابندي آهي، جيڪا ججن جي ضابطن ۽ فيصلن جي ڀڃڪڙي هجي يا اعليٰ عدليه خلاف هجي.

پيمرا سمورن سيٽلائيٽ ٽي وي چينلن کي حڪم ڏنو آهي ته موثر ٽائيم ڊيلي ميڪنزم ۽ غير جانبدار ادارتي بورڊ قائم ڪيو وڃي.

پيمرا آرڊيننس 2002 جي سيڪشن 30 تحت لائسنس عوامي مفاد ۾ شوڪاز نوٽيس کانسواءِ معطل ڪري سگهجي ٿو.

اهو فيصلو فيبروري ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ آيو آهي، جنهن جو تعلق مبينا طور تي سپريم ڪورٽ جي جج سان آهي.

Read Previous

عمران خان جون تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي وارو پيمرا نوٽيفڪيشن معطل

Read Next

اداڪار ستيش ڪوشڪ 66 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular