اداڪار ستيش ڪوشڪ 66 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو

بالي ووڊ اداڪار ستيش ڪوشڪ 66 سالن جي ڄمار ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، افسوسناڪ خبر تي ڀارتي فلم انڊسٽري ۽ مداحن ۾ ڏک جي لهر پکڙي وئي.

مسٽر انڊيا اداڪار جي خانداني ميمبر ميڊيا کي ٻڌايو ته ستيش ڪوشڪ خميس جي صبح دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر ايندڙ مشهور ڪاميڊين مبينا طور تي دهلي ۾ پنهنجي هڪ دوست سان ملڻ ويو هو ته کيس طبي مرڪز پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس مرده قرار ڏئي ڇڏيو.

ستيش ڪوشڪ 1956ع ۾ ڄائو، دهلي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي ۽ بعد ۾ نيشنل اسڪول آف ڊراما ۾ داخلا ورتي.

مسٽر انڊيا، رام لکن، جاني ڀي دو يارو ۽ ٻين فلمن ۾ سندس شاندار ڪردارن لاءِ ڄاتو وڃي ٿو، هن ڪيترين ئي ڪامياب فلمن جي هدايتڪاري به ڪئي، جن ۾ هم آپ ڪي دل ۾ رهتي هين ۽ تيري نام شامل آهن.

سندس وفات جي خبر ٻڌندي ئي مداحن کي صدمو رسيو ۽ تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو، انوپم کير، منوج باجپائي، اجي ديوگن، نيها ڌوپيا ۽ ٻين ستارن سوشل ميڊيا تي مرحوم اداڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

Read Previous

پيمرا ٽي وي چينلز تي اعليٰ عدالتن جي ججن خلاف مواد نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

پي ٽي آئي وفد جي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات، پنجاب نگران حڪومت جي رويي تي خدشا ظاهر

Most Popular