اسان لاءِ اليڪشن کان آدمشماري وڌيڪ اهم آهي، شفاف نه ٿي ته مدد واپس وٺنداسين: وڏو وزير

مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر اهم اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن آدمشماري شفاف نه ٿي ته صوبائي حڪومت کي سوچڻو پوندو، آدمشماري تان سنڌ حڪومت جي مدد واپس وٺڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

ڪراچي گيمز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن ۾ انعام ورهائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن آدمشماري شفاف نه ٿي ته هو سياسي سطح تي به حڪمت عملي جوڙيندا.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2017 ۾ اسان کي چيو ويو ته توهان جي ماڻهن آدمشماري ڪرائي، جيڪڏهن آدمشماري تي اعتراض درست نه ٿيا ته حمايت ختم ڪنداسين.

هن چيو ته اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي ته اسان آدمشماري کي قبول نه ڪريون، اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير الزام لڳايو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن ۾ دير ڪري رهي آهي، سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ چيئرمين جون چونڊون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن فوري طور تي مڪاني چونڊون ٻئي مرحلي ۾ ڪرائي.

مراد علي شاهه چيو ته جن سيٽن جا نتيجا روڪيا ويا آهن، انهن تي فيصلو ڪيو وڃي، ڪراچي جو ميئر اسان جو هوندو، اهو واضح آهي، جيڪو چاهي جيترو به روئي، ميئر پيپلز پارٽي جو ئي هوندو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آدمشماري اسان لاءِ اليڪشن کان وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي، اسان ڊجيٽل آدمشماري جي طريقي تي ڪجهه خدشا ظاهر ڪيا آهن، آدمشماري جي ٽيبل ۾ نقشن جون خاميون ڏيکاريون آهن.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته چيو ويو ته ڪجهه عيب بعد ۾ درست ڪيا ويندا، اسان چيو ته خاميون فوري طور تي درست ڪيون وڃن، اسان چيو ته اسان کي رجسٽرڊ ڪري ٻڌايو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته اسان هر هڪ کي ايس ايم ايس ذريعي تفصيل ٻڌائڻ جو چيو، ڳڻپ ڪندڙ جو رڪارڊ پاڻ ڏسي سگهنداسين، چيو ويو ته ڊيٽا ڏيڻ لاءِ پاليسي فيصلو ڪرڻو پوندو، اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته سڀني کي شمار ڪيو ويو.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيترا پاڪستاني شهري آهن ۽ ڪيترا پرڏيهي آهن، اسان چيو ته آدمشماري جي ڊيٽا نادرا کي ڏيکاريو، نادرا کي چيو وڃي ته ان ڊيٽا مان سندن شناختي ڪارڊ ٺاهيا وڃن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ الزام تراشي جي سياست نه هلندي، پيار ۽ محبت کان جيڪو هٽندو، ان کي جواب ڏيڻو پوندو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، لاهور واقعي کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ غير اخلاقي ڳالهائڻ جو رواج متعارف ڪرايو آهي، هڪ شخص جي درخواست تي اسيمبليون ٽوڙيون ويون.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان سياسي پارٽي آهيون ۽ چونڊن ۾ وينداسين، قومي اسيمبلي جون چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون، جڏهن قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿينديون ته پنجاب ۾ به سياسي حڪومت هوندي.

هن چيو ته ملڪ سخت مالي بحران مان گذري رهيو آهي، عدالتن کي آئيني پيچيدگين جو جائزو وٺڻ گهرجي، عدالتن جو تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ميڊيا جي دٻاءَ ۾ به فيصلا ڪيا ويندا آهن.

Read Previous

پي ايس ايل ۾ اڄ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ آمهون سامهون ٿيندا

Read Next

هي وقت سياست جو ناهي، ملڪ کي بچائڻو آهي، ڪامران ٽيسوري

Most Popular