عمران خان ۽ ٻين خلاف زمان پارڪ ۾ هنگامي جو ڪيس داخل

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف زمان پارڪ ۾ تشدد جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايس ايڇ او ريحان انور جي مدعيت ۾ ريس ڪورس ٿاڻي تي دهشتگردي، رياستي معاملن ۾ مداخلت، غير قانوني گڏجاڻي ۽ عدالتي سمن وصول ڪرڻ کان انڪار سميت مختلف قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته پارٽي ڪارڪنن ۽ سوين حمايتين عمران خان جي اجازت سان سنگين ڏوهه ڪيا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پيٽرول بم استعمال ڪري عوام لاءِ مسئلا پيدا ڪيا ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، پرتشدد چڪرين ۾ اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي آپريشنز سميت 63 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

توشه خانه ڪيس ۾ گرفتار عمران خان جي گرفتاري لاءِ پنجاب جي گادي واري هنڌ پهتو ته پي ٽي آءِ جي مظاهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ چڪرين سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڇڪتاڻ برقرار رهي.

فوٽيجز ۾ پوليس کي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته مظاهرين پنهنجي اڳواڻ جي گرفتاري کي روڪڻ لاءِ پٿر ۽ پيٽرول بم جو استعمال ڪري رهيا آهن.

اڱاري تي شروع ٿيل جهيڙا ان وقت تائين جاري رهيا، جيستائين لاهور هاءِ ڪورٽ اربع تي پوليس کي زمان پارڪ ۾ ڪارروائي خميس جي رات 10 وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏنو.

اڳوڻي وزيراعظم کي گذريل سال بي اعتمادي جي ووٽ ذريعي برطرف ڪيو ويو هو ۽ مٿس ڪيترائي قانوني ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ توشه خانه به شامل آهي.

سومر تي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال چوٿون ڀيرو فرد جرم لاڳو نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ سربراهه جا گرفتاري وارنٽ بحال ڪري ڇڏيا.

عدالت سندس استثنيٰ واري درخواست رد ڪندي اختيارين کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي 18 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Read Previous

ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، 2 ٻارڙا به شهيد

Read Next

اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي مان ڪهڙي ٽيم پي ايس ايل 8 ۾ رهندي؟ فيصلو اڄ ٿيندو

Most Popular