ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو هاسٽل پرووسٽ خلاف احتجاج

ٽنڊو ڄام: زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي شاگردن هاسٽل پرووسٽ خلاف وي سي سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو هنيو.

شاگردن بجلي، پاڻي ۽ صفائي سميت ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف شاگردن ٻئي ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو هنيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان پنهنجا حق گهرون ٿا ته هاسٽل پرووسٽ گاريون ڏئي ٿو، احتجاج تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته هاسٽل پرووسٽ خلاف ڪارروائي ڪري شاگردن کي بجلي، پاڻي، صفائي سميت سموريون سهولتون ڏنيون وڃن.

Read Previous

ٺٽي ۾ منشيات فروشن جي آڙ ۾ شريف شهرين سان پوليس جون جٺيون، 3 ڄڻا گرفتار

Read Next

لوئر ڪوهستان ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت، 3 زخمي

Most Popular