سپريم ڪورٽ نيب کان وصولي جا تفصيل طلب ڪري ورتا

جسٽس منيب اختر

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان قومي احتساب بيورو (نيب) کان هن وقت تائين ڪيل ريفرنس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سيد منصور علي شاهه تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ قومي احتساب آرڊيننس (اين اي او) 1999 ۾ اتحادي حڪومت طرفان ڪيل ترميمن خلاف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته نيب گذريل سالن ۾ رڪارڊ ريڪوري ڪئي آهي.

عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته هن وقت تائين ٿيل ريڪوري جو ڪاٿو ۽ رقم ڪٿي استعمال ڪئي وئي، تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

عدالت نيب کي هدايت ڪئي ته هن وقت تائين وفاق يا صوبائي حڪومتن وٽ جمع ڪرايل رقم جا تفصيل پيش ڪيا وڃن ۽ صوبن جا نالا به ٻڌايا وڃن.

اهڙي طرح عدالت سرڪاري ادارن، بئنڪن ۽ عوام کان ڦريل رقم جو مڪمل رڪارڊ به طلب ڪري ورتو.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سرڪاري ادارن مان چوري ڪيل رقم وصولي کانپوءِ واپس ڪئي وئي.

چيف جسٽس نيب پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي مڪمل تفصيل پيش ڪيا وڃن، جنهن کانپوءِ عدالت تفصيلي جاچ ڪندي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب قانون ۾ ترميم کانپوءِ هاڻي اينٽي ڪرپشن اداري جي ذميواري آهي ته اهو بي نامي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا الزام ثابت ڪري.

Read Previous

ارشد شريف جي ڪٽنب جي وڪيل پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض واري ڇڏيا

Read Next

لاهور هائي ڪورٽ پاران زمان پارڪ آپريشن روڪڻ جي حڪم ۾ 3 وڳي تائين واڌ

Most Popular