وزيراعظم پاران پي ايس ايل 8 کي ڪامياب بڻائڻ تي واکاڻ

شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن کي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن کي ساراهيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطانز وچ ۾ فائنل ميچ کي پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن جي پڄاڻي قرار ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي چيئرمين پي سي بي، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، صوبائي انتظاميا، پوليس ۽ شرڪت ڪندڙ ٽيمن جو ٿورائتو آهيان، حاضرين پنهنجي جوش ۽ جذبي سان ايڊيشن کي جاري رکيو.

قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پي ايس ايل 8 جي فائنل ۾ لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي صرف هڪ رنس تان شڪست ڏئي ٽائيٽل جو دفاع ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي.

اها فتح سندن ڪپتان شاهين آفريدي جي 15 بالن تي ناٽ آئوٽ 44 رنسن جي شاندار اننگ ۽ بالنگ سبب حاصل ڪئي، جنهن ۾ هن 51 رنسون ڏئي چار وڪيٽون ورتيون.

Read Previous

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي سياسي مشاورتي اجلاس ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون

Read Next

مريم نواز پاران ڪارڪنن جي تشدد واري رويي جو ذميوار عمران خان قرار

Most Popular