قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو

babar azam

اسلام آباد: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي پاڪستان جي اعليٰ ايوارڊ ستاره امتياز سان نوازيو ويو آهي.

گورنر پنجاب بليغ الرحمان 28 ورهين جي اسٽار بيٽسمين کي 23 مارچ تي گورنر هائوس ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب ۾ ايوارڊ پيش ڪيو.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاران جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم بدستور پهرين نمبر تي آهي.

پي ايس ايل جي اٺين ايڊيشن ۾ پشاور زلمي لاءِ بيٽنگ ۽ ڪپتاني ٻنهي سان غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بابر اعظم هن هفتي جي شروعات ۾ آءِ سي سي پاران جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي.

بابر اعظم هڪ بهترين بيٽسمين هجڻ سان گڏ ننڍي عمر باوجود شاندار ڪپتان ثابت ٿيو، سندس قيادت ۾ پاڪستان آئي سي سي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي 2021 جي سيمي فائنل ۽ آءِ سي سي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي 2022 جي فائنل ۾ شرڪت ڪئي.

هن تيز رفتاري سان اسڪور ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي مخالفن کي به غلط ثابت ڪيو، جيئن هو زلمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو.

Read Previous

ڪرينا ۽ سيف علي خان ٻنهي پٽن سميت ڏکڻ آفريڪا ۾ موڪلون گذاري واپس روانا

Read Next

ثانيه مرزا پٽ اذهان سان گڏ عمري جي سعادت ماڻي ورتي

Most Popular