ثانيه مرزا پٽ اذهان سان گڏ عمري جي سعادت ماڻي ورتي

Sania Mirza

اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا تازو انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ۽ سندس پٽ اذهان مرزا ملڪ هن وقت عمري جي سعادت لاءِ سعودي عرب ۾ آهن.

ٽينس اسٽار انسٽاگرام تي پنهنجي سفر جون ڪيتريون ئي تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون، ڪالهه ثانيه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ٻه تصويرون پوسٽ ڪيون، پهرين تصوير ۾ ثانيه مرزا کي پٽ سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.

36 سالن جي اداڪارا ڪارو عبايا پائي مٿو مڪمل طور تي ڪاري اسڪارف سان ڍڪي، بنا ميڪ اپ جي اذهان سان گڏ تصويرون ورتيون.

ثانيه مرزا مدينه منوره ۾ پنهنجي لوڪيشن کي ٽيگ ڪيو ۽ ان جي ڪيپشن ۾ ”الحمدلله“ لکيو.

تصويرون ۽ ڪيپشن عام طور تي مقدس زيارت سان لاڳاپيل جذبن جي هڪ گهري احساس کي ظاهر ڪن ٿا.

Read Previous

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو

Read Next

پنجاب اليڪشن ملتوي ٿيڻ سان ملڪ وڏي آئيني بحران کان بچي ويو، مريم اورنگزيب

Most Popular