پنجاب اليڪشن ملتوي ٿيڻ سان ملڪ وڏي آئيني بحران کان بچي ويو، مريم اورنگزيب

مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي شفاف، غيرجانبدار ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو.


هن چيو ته آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن وقت وفاق ۽ صوبائي يونٽن ۾ نگران حڪومتون قائم ڪيون وڃن، اليڪشن ڪميشن اهو فيصلو سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڪيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ڏيندو، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي انا سبب ٻن صوبن تي چونڊون ڪرايون وڃن.

Read Previous

ثانيه مرزا پٽ اذهان سان گڏ عمري جي سعادت ماڻي ورتي

Read Next

يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم جو قوم جي نالي پيغام

Most Popular