پني عاقل ۾ بچت بازار ويران، يوٽيلٽي اسٽور به عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

پنوعاقل (رپورٽ:فدا ميراڻي( پنوعاقل ۾ لڳل بچت بازار ويران قيمتون وڌيڪ هجڻ سبب ويران بڻجي وئي، يوٽيلٽي اسٽال به عوام کي رليف نه ڏئي سگھيو.

سنڌ حڪومت رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ غريب طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ بچت بازار لڳائي خصوصي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنوعاقل ۾ اھڙي قسم جا اسٽال ته لڳايا ويا پر قيمتن ۾ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ ڪو خاص فرق نه رکيو ويو، جنھن سبب عوام ۾ مايوسي واري لهر پکڙجي وئي آهي.

غريب طبقي جون اميدون يوٽيلٽي اسٽورن ۾ آهن، جتي به کين مايوس ڪيو ٿو وڃي، شهرين جو چوڻ آهي ته اسان کي سرڪار طرفان اعلانيل ڪو به رليف نه پيو ملي ،جيڪي بچت بازار جا اسٽال لڳايا ويا آھن، انھن ۽ عام بازار ۾ ڪوبه فرق ناھي.

هنن الزام هڻندي چيو ته اسان کي يوٽيلٽي اسٽور تان به سھولتون نه پيون ملن، سامان واري گاڏي روزانو شام پنجين وڳي پھچي ٿي، جنھن بعد اسٽور وارا بند ڪري ھليا ٿا وڃن.

Read Previous

آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدو سعودي ۽ يو اي اِي جي مالي مدد سان مشروط هوندو

Read Next

سمورين اسيمبلين ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ڪرايون وڃن: قومي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ منظور

Most Popular