سانگهڙ ۾ ضلعي انتظاميا پاران رمضان بچت بازار لڳائي وئي

sanghar bachat bazar

سانگهڙ (رپورٽ آصف مري) سانگهڙ جي ضلعي انتظاميا طرفان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ رمضان بچت بازار لڳائي وئي، جنهن ۾ عام واهپي جون شيون سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪيون ويون.

ڊپٽي ڪمشنر محمد اسحاق گاد اڄ ايس آر ٽي سي گرائونڊ تي لڳايل رمضان بچت بازار جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو، بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر شهر جي مارڪيٽن جو دورو ڪيو ۽ جماعتي هوٽل کي رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ڊي سي پاران مختلف دڪاندارن کي سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي وارننگ ڏني وئي ۽ مٿن ڏنڊ پڻ لڳايو ويو.

ضلعي انتظاميا طرفان لڳايل رمضان بچت بازار ۾ سبزيون، فروٽ، عام واهپي جي شين جا ڪيترائي اسٽال لڳل هئا، جتان عوام سستي اگهه تي پنهنجي ضروت جون شيون خريد ڪري رهيا هئا.

Read Previous

سنڌ ۾ ايمبولينس مان ڦر جو وڌيڪ هڪ واقعو، قاضي احمد ڀرسان ڦورن جو ڊرائيور تي تشدد، ڦرلٽ

Read Next

عمرڪوٽ اين سي ايڇ ڊي استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Most Popular