ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو به ٻڙي ٿيندو، شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو نتيجو به ٻڙي ٿيندو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُ الله جهڙو شخص ئي ٽن ججن خلاف ريفرنس فائيل ڪرڻ بابت بيان ڏئي سگهي ٿو، انهن ججن به پي ٽي آءِ خلاف فيصلا ڏنا پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ججن کان من پسند فيصلا ورتا وڃن. .

هن چيو ته اليڪشن کان حڪومت جو ڀڄڻ، عدليه تي دٻاءُ وجهڻ ۽ اٽي لاءِ غريب پاران حياتي ڏيڻ، اهي سڀئي خطري جون نشانيون آهن، جڏهن ته عدليه ريڊ لائين آهي.

شيخ رشيد چيو ته 8 آڪٽوبر پري آهي، 8 جون جو ڏينهن به نه ڏسندا، 90 ڏينهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون نگران حڪومتون به ختم ٿي وينديون. مسئلو 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو آهي، جيڪو 13 پارٽين جي ٽولي جو سياسي موت ثابت ٿيندو.

هن چيو ته مٿئين سطح تائين مهانگائي ۽ بيروزگاري گهرو ويڙهه طرف وڍي وڃي سگهن ٿا، ماڻهن وٽ پنهنجا مڙهه دفن ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن، ڊالر جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي، ٽي وي چينلز تي پابندي لڳڻ سان سڄو ملڪ سوشل ميڊيا طرف هليو ويندو.

Read Previous

ن ليگ قيادت آئين تي حملي جو فيصلو ڪري ورتو آهي، شاهه محمود قريشي

Read Next

مني ايڪسچينجرز حڪومت کي 12 ارب ڊالر آڻڻ جي آڇ ڪري ڇڏي

Most Popular