اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم، پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم

سپریم کورٹ

سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جون چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي صوبي ۾ 14 مئي تي پولنگ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو 22 مارچ جو فيصلو غير آئيني آهي.

سپريم ڪورٽ چيو ته صدر طرفان ڏنل تاريخ جو فيصلو بحال آهي، آئين ۽ قانون چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪرڻ جو اختيار نه ٿو ڏئي، اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏنو ته چونڊ عمل پنجين مرحلي تي هو.

عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي 13 ڏينهن ضايع ٿي ويا، اليڪشن ڪميشن غير آئيني فيصلو ڪيو، پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ٿيڻ گهرجن.

محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته صوبائي چونڊون 30 اپريل کان 15 مئي تائين ٿيڻ گهرجن، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون شفاف، غير جانبداري ۽ قانون موجب ٿيڻ گهرجن.

سپريم ڪورٽ چيو ته ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلون داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 10 اپريل هوندي.

اليڪشن ٽربيونل 17 اپريل تي اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندو، وفاقي حڪومت 10 اپريل تائين اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪري، چيمبر ۾ جمع ڪرايا ويا.

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته فنڊز نه ملڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪندي، پنجاب حڪومت اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي پلان ڏئي، پنجاب جي نگران ڪابينا چيف سيڪريٽري کي رپورٽ ڏئي. نگران حڪومت پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين سمورا وسيلا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن 10 اپريل تائين چونڊ عمل جاري ڪري.

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وفاق پنجاب، ڪي پي ڪي جي چونڊن لاءِ وسيلا ۽ سهڪار فراهم ڪري، وفاق چونڊن لاءِ فورسز، رينجرز، ايف سي ۽ ٻيا اهلڪار فراهم ڪريڍ.

عدالت چيو آهي ته وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي 17 اپريل تائين سڪيورٽي پلان فراهم ڪري، جيڪڏهن وفاقي حڪومت، پنجاب جي نگران حڪومت عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندي ته ڪميشن عدالت کي آگاهه ڪري.

فيصلي ۾ عدالت چيو ته اپيليٽ ٽربيونل پنجاب ۾ اپيلن تي 17 اپريل تائين فيصلو ڏئي، پنجاب ۾ اميدوارن جي حتمي لسٽ 18 اپريل تي پڌري ڪئي وڃي، نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 19 اپريل آهي، چونڊ نشان به هجڻ گهرجن. اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 218 (3) تحت صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي.

Read Previous

The Best Free VPN Application

Read Next

جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي لارجر بينچ جوڙي وئي

Most Popular