دبئي جي نمبر پليٽ پي سيون 55 ملين درهم ۾ وڪرو، گينيز ورلڊ رڪارڊ قائم

دبئي: گڏيل عرب امارتن ۾ نيلامي دوران دنيا جي مهانگي ترين نمبر پليٽ وڪڻڻ جو نئون گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.

پليٽ نمبر پي سيون 55 ملين درهم ۾ وڪرو ٿي، اها دنيا جي سڀ کان مهانگي نمبر پليٽ بڻجي وئي آهي.

نيلامي مان سڀ آمدني سڌو سنئون هڪ بلين ميل انڊوومينٽ مهم ۾ ويندي، جنهن جو مقصد سڀ کان وڏو رمضان جٽادار فوڊ امداد فنڊ قائم ڪرڻ آهي.

ايمريٽس نيلامي محمد بن راشد المڪتوم گلوبل انيشيئيٽس روڊز اينڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي (آر ٽي اي) جي سهڪار سان جميرا ساحل تي فور سيزنز ريسٽورٽ دبئي ۾ سڀ کان وڏن نمبرز خيراتي نيلامي منعقد ڪئي.

ميڊيا رپورٽن موجب نمبر اي اي 19 درهم 4.9 ملين درهم، او 71 درهم 2.150 ملين ۽ اي 22222 درهم 975,000 ۾ وڪرو ڪيو ويو.

Read Previous

پونيين سيلوان 2 جي گيت ’ويرا راجا ويرا‘ انٽرنيٽ تي ڌوم مچائي ڇڏي

Read Next

ايران ۾ حجاب نه ڪندڙ عورتن جي ڳولا لاءِ ڪيمرا نصب

Most Popular