ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڪورنٽني والش جو ڪانٽريڪٽ ختم

جميڪا: ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز، ويسٽ انڊيز وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڪورٽني والش ۽ اسسٽنٽ ڪوچز رابرٽ سيميولز ۽ ڪوري ڪوليمور جو ڪانٽريڪٽ نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز جي ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ جمي ايڊمز هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ڪورٽني ۽ سندس ٽيڪنيڪل ٽيم جي گذريل اڍائي سالن جي خدمتن لاءِ تمام گهڻا شڪر گذار آهيون ۽ انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.

هن چيو ته ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز عورتن جي بين الاقوامي پروگرام لاءِ پرعزم آهي ۽ هاڻي نئين هيڊ ڪوچ ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ ٽيم کي ڀرتي ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو، هن وڌيڪ چيو ته ڀرتي واري عرصي دوران هڪ عبوري ٽيڪنيڪل سپورٽ ٽيم موجود هوندي.

والش آڪٽوبر 2020 ۾ گس لوگي جي جاءِ ورتي، سندس قيادت ۾ ويسٽ انڊيز 24 ٽي 20 مان 7 ۽ 32 ون ڊي مان 11 کٽي چڪو آهي.

هن عرصي دوران ٽيم جي سڀ کان وڌيڪ قابل ذڪر پرفارمنس 2021 ۾ پاڪستان خلاف هوم سيريز کٽڻ ۽ 2022 ۾ 50 اوور ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچڻ هئي.

Read Previous

جاپان 2035 ۾ ٻيهر رگبي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪرڻ جو خواهشمند

Read Next

سريلنڪا ڊڪ ويلا کي ڊراپ ڪري ڇڏيو، سماروڪرما جي ٽيم ۾ واپسي

Most Popular