سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي اختيارن بابت پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

سپریم کورٹ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي اختيارن بابت پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت عدالت عظميٰ جي 8 رڪني بئنچ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي عملدرآمد ايندڙ حڪم تائين روڪيو ويو آهي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صدر بل تي صحيحون ڪري يا نه ڪري، ٻنهي صورتن ۾ بل تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي.

حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي عدليا جي معاملن ۾ مدالخت ۽ عدليا جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي 2 مئي تي ٿيندي.

سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن بابت منظور ٿيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس ائنڊ پروسيجر بل 2023 بل تي ايندڙ حڪم تائين عملدرآمد روڪي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف ٽن درخواستن تي ٻڌڻيءَ کانپوءِ 8 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو ويو، جيڪو چيف جسٽس عمر عطا بنديال طرفان لکيو ويو.

عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ايڪٽ عدليا جي آزادي ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پريسجر ايڪٽ تي ايندڙ حڪم تائين ڪنهن به طريقي سان عملدرامد نه ٿيندو.

عدالتي حڪم نامي موجب عوامي مفاد ۽ بنيادي انساني حقن لاءِ عدالت جي مداخلت گهربل هوندي آهي، سياسي پارٽيون چاهين ته ڌر بڻجي سگهن ٿيون، جنهن وٽ قانون ريگيوليٽ ڪرڻ جي طاقت هجي، اهو تباهه ڪرڻ جي به طاقت رکي ٿو.

عدالت چيو ته موجوده ڪيس ۾ عدليا جي آزادي جي تباهيءَ جو خدشو آهي، عدالت جي پريڪٽس ۽ پروسيجر ۾ تبديلي ڀلي ڪيتري ئي ضروري هجي، عدليا جي آزادي متاثر ڪري ٿي، تجويز ڪيل بل ۽ ايڪٽ آئين تحت هئڻ گهرجي.

عدالت چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بل جي آئيني حيثيت جو جائزو وٺندي، تحريڪ انصاف، قاف ليگ، حڪومتي اتحادي پارٽين، اٽارني جنرل، وڪيلن تنظيمن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، ٻڌڻي 2 مئي تي ٿيندي.

Read Previous

اي سي پي جو اليڪشن ڪميشن آف انڊيا جي طرز تي آزاد اختيار ڏيڻ جو مطالبو

Read Next

سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ وفاق تي حملو قرار, پارليامينٽ جي اختيارن جو تحفظ ۽ دفاع ڪنداسين، حڪمران اتحاد

Most Popular