اي سي پي جو اليڪشن ڪميشن آف انڊيا جي طرز تي آزاد اختيار ڏيڻ جو مطالبو

اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) اليڪشن ڪميشن آف انڊيا (اي سي آءِ) جي طرز تي آزاد اختيار طلب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيڻ گهرجن.

اهڙو بيان صدر عارف علوي جي هڪ خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن ٻنهي ملڪن جي اليڪشن ڪميشنن جي ڀيٽ ڪئي.

اي سي پي اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن به حڪومتي دٻاءُ واري بيان کي رد ڪندي واضح ڪيو ته سپريم اليڪشن ڪميشن ماضي ۾ ڪنهن به حڪومت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو آهي ۽ نه مستقبل ۾ ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي ترجمان صدر جي حڪومتي دٻاءُ واري بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان جي سختي سان ترديد ڪري ٿو.

اي سي پي ترجمان صدر پاران اليڪشن ڪميشن تي ڪنهن به حڪومتي دٻاءُ واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو.

Read Previous

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪميٽين اتفاق راءِ سان اليڪشن فنڊ بل رد ڪري ڇڏيو

Read Next

سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي اختيارن بابت پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانون تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

Most Popular