پلواما حملي تي ستيا پال ملڪ جو بيان پاڪستان جي موقف جي تصديق آهي: پرڏيهي آفيس

پاڪستان آجيان

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پلواما حملي تي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ جي بيان پاڪستاني موقف جي تصديق ڪئي آهي، پلواما حملي بابت تازو انڪشاف پاڪستاني موقف جي حمايت ڪن ٿا.

پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر ستيا پال ملڪ جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام لڳائي پنهنجي شرمناڪ داستان ۽ سياسي ايجنڊا کي هٿي ڏئي رهيو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته کين اميد آهي ته عالمي برادري تازي انڪشافن ۽ پاڪستان خلاف ڪوڙ ۽ ٺڳي تي ٻڌل ڀارتي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس وٺندي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت کي تازي انڪشافن ۾ اٿاريل سوالن جا جواب ڏيڻ گهرجن، پلواما حملي کانپوءِ علائقائي امن کي متاثر ڪندڙ عملن تي ڀارت کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي غلط ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان خلاف سخت ۽ ذميواري سان ڪارروائي ڪندو رهندو.

Read Previous

ابراهيم علي خان سان لاڳاپن تي پلڪ تيواري جو ردعمل سامهون اچي ويو

Read Next

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي بابت فيصلن تي تنقيد بي بنياد آهي: شاهه محمود قريشي

Most Popular