آصف علي زرداري کي پاڪستان ۽ سنڌ سان ڪا به دلچسپي ڪونهي، اياز لطيف پليجو

اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽ: نسيم احمد سھتو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي آصف علي زرداري کي پاڪستان ۽ سنڌ سان ڪا به دلچسپي ڪونهي، ھن کي دلچسپي پنهنجي ڪاروبار سان آهي، زرداري سياست کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ جا پيسا، بچيٽ کڻي مانگھائي خلاف پنجاب ۾ مارچ ڪيائون، سنڌ جا پيسا کڻي آزاد ڪشمير ۾ اليڪشن وڙھيا پر سنڌ ۾ اسڪول، يونيورسٽيون ۽ وڏيون اسپتالون نه ٺاھيون.

اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ کي پنھنجي ڪيٽي بنائڻ لاءِ سرداري، جاگيرداري، جرڳائہ وڏيرا شاھي ۽ قبيلائي دھشتگردي جي مضبوط ڪيو ويو آھي، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ ڌاڙيل معصوم ماڻھن کي اغوا ۽ پوليس جوانن کي شھيد ڪري رھيا آھن.

اياز لطيف پليجي چيو ته ھنن سنڌ کي مال غنيمت سمجهي ٻنهي ھٿن سان لٽيو آهي، وفاقي حڪومت نواز شريف جي ھجي يا زرداري، عمران خان ۽ شھباز شريف جي ھجي، انھن جو سنڌ سان ڪو به تعلق ڪونهي، سنڌ ھنن جي ايجنڊا ۾ شامل ناهي، سنڌ ھنن جي ڪنهن ڳڻپ ۾ ڪونهي، ھي سنڌ کي غلام سمجھن ٿا.

اياز لطيف پليجي چيو ته بخشاپور ۾ قبيلائي دھشتگردي ھٿان قتل ٿيل چار ڊومڪين جا جوابدار طاقتور ھجڻ ڪري پوليس انھن خلاف اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي، چار مقتول ڊومڪين جي قاتلن کي گرفتار ڪري انھن جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

اياز لطيف پليجي چيو ته شھيد اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتار ڪيو وڃي، حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدران ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين جي سرپرست بنيل آھي

Read Previous

سوناڪشي سنها جي پهرين ڊراما سيريز “ڌاڙ” 12 مئي تي رليز ٿيندي

Read Next

ڀارت سان لاڳاپا معمول تي هئڻ گهرجن: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular