ڀارت سان لاڳاپا معمول تي هئڻ گهرجن: بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal bhutto

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته اسان جو شروع کان ئي موقف رهيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپا معمول تي هئڻ گهرجن.

گوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آگسٽ 2019ع ۾ ڀارت جي هڪ طرفي قدم کانپوءِ صورتحال خراب ٿي وئي آهي.

ڀارت 2019ع جي ڪارروائين ذريعي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، ڀارت کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو.

پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن ڀارت عالمي ۽ ٻه طرفي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو ته ڳالهين جو مستقبل ڇا ٿيندو؟

بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن به موقعي تي ائين محسوس نه ٿيو ته ڀارت پاڪستان اختلافن سبب فورم متاثر ٿيو آهي، ڀارت جي عوام ۽ ميڊيا جو موقف ڪجهه به هجي، اسان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، جنهن طريقي سان منهنجي آمد کي ڪوريج ڏني وئي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهميت ڪيتري آهي.

هن چيو ته اجلاس جي موقعي تي مختلف پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون.

Read Previous

آصف علي زرداري کي پاڪستان ۽ سنڌ سان ڪا به دلچسپي ڪونهي، اياز لطيف پليجو

Read Next

اداڪاره زارا ترين ۽ فرحان طاهر عليحدگي اختيار ڪري ورتي

Most Popular