اداڪاره زارا ترين ۽ فرحان طاهر عليحدگي اختيار ڪري ورتي

زارا ترين

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ باصلاحيت اداڪارا زارا ترين ۽ پاڪستاني آمريڪي اداڪار فرحان طاهر الڳ ٿي ويا.

سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن موجب اداڪارا زارا ترين ۽ اداڪار فرحان طاهر وچ ۾ طلاق ٿي وئي آهي.

سوشل ميڊيا پيجز موجب اداڪارا زارا ترين طلاق جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندن وچ ۾ شيون ٺيڪ نه هلي رهيون هيون، برداشت نه ڪرڻ جوڳن اختلافن سبب ٻنهي ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

اداڪاره زارا ترين ۽ پاڪستاني آمريڪي اداڪار فرحان طاهر 7 نومبر 2021 تي شادي ڪئي.

واضح رهي ته علي طاهر جو وڏو ڀاءُ فرحان طاهر اسٽار ٽريڪ ۾ ڪيپٽن روبائو ۽ آئرن مين ۾ رضا جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مشهور آهي.

Read Previous

ڀارت سان لاڳاپا معمول تي هئڻ گهرجن: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي نظرثاني وارو بل منظور، اپوزيشن جو هنگامو، سخت احتجاج

Most Popular