حڪومت پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس ائنڊ پروسيجرل قانون خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا

سپریم کورٹ

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي اختيارن واري معاملي ۾ حڪومت سپريم ڪورٽ پريڪٽس ۽ پروسيجرل قانون خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

وفاقي حڪومت درخواستن تي 8 صفحن تي ٻڌل جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جيڪو ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان جمع ڪرايو.

جواب ۾ وفاقي حڪومت چيو آهي ته قانون خلاف درخواستون انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش آهي، درخواستگذارن جي قانون کي چئلينج ڪرڻ جي نيت واضح ناهي، پارليامينٽ جي قانون سازي جي طاقت تي ڪا پابندي ناهي.

وفاقي حڪومت جو چوڻ هو ته ماسٽر آف روسٽر جي تصور کي قانوني تحفظ حاصل ناهي، آئين جي آرٽيڪل 184/3 تحت چيف جسٽس جو اختيار ريگيوليٽ ٿيندو، قانون سان عدليه جي اختيارن ۾ گهٽتائي نه ايندي.

حڪومت جو چوڻ آهي ته اپيل جو حق آئين جي آرٽيڪل 184/3 تحت فراهم ڪيو ويو آهي، آئين جو آرٽيڪل 10 اي منصفانه ٽرائل جو حق فراهم ڪري ٿو.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184/3 ۾ نظرثاني جو اختيار تمام محدود آهي، اپيل جو حق شفاف ٽرائل لاءِ ضروري آهي.

Read Previous

اسرائيل کان سڌيءَ طرح جده حج اڏامن جو امڪان

Read Next

ڪراچي پوليس جي وڏي ڪارروائي، اغوا ٿيل ٻه ٻارڙيون بازياب

Most Popular