ڪراچي پوليس جي وڏي ڪارروائي، اغوا ٿيل ٻه ٻارڙيون بازياب

ڪراچي ۾ سائوٿ زون پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي ٻن معصوم نياڻين کي بازياب ڪرائي ورتو.

سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ٽوئيٽر پيغام ۾ پوليس جي ڪامياب آپريشن بابت ٻڌايو.

بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته عيد جي موڪلن دوران سي ويو تان اغوا ٿيل ٻن معصوم ٻارڙين کي بازياب ڪرايو ويو آهي.

مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٻنهي ٻارڙين کي سندن والدين حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو.

بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڏکڻ زون پوليس ٽيم کي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني آهي.

Read Previous

حڪومت پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس ائنڊ پروسيجرل قانون خلاف درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا

Read Next

پاڪستان ۾ سياسي قوتن کي گڏجي سياسي استحڪام آڻڻ گهرجي: چيني پرڏيهي وزير

Most Popular