پاڪستان ۾ سياسي قوتن کي گڏجي سياسي استحڪام آڻڻ گهرجي: چيني پرڏيهي وزير

اسلام آباد: چين جي پرڏيهي وزير چن گانگ چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياسي طاقتن کي گڏجي سياسي استحڪام آڻڻ گهرجي.

چوٿون پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي آفيس پهچڻ تي چيني پرڏيهي وزير چن گونگ جو استقبال ڪيو.

ڳالهين کانپوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پنهنجي چيني هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بيجنگ ۾ گڏيل ڳالهين کانپوءِ اڄ چوٿون اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ٿي رهيو آهي، چين ڪشمير سميت قومي مسئلن تي اسان جي حمايت ڪئي، ڪشمير سميت سمورن گهڻ طرفي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان عالمي طاقتن جي مقابلي ۽ بلاڪ سياست جي خلاف آهي، پاڪستان تائيوان، سنڪيانگ، تبت ۽ ڏکڻ چائنا سمنڊ سميت سمورن معاملن تي چين جي حمايت ڪري ٿو، اڄوڪي ڳالهين ۾ افغانستان ۾ امن جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اهم معاملن تي اعليٰ سطحي رابطا گڏيل مشاورت جو حصو آهن، انهن جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

چيني پرڏيهي وزير چن گانگ چيو ته ڪالهه صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، جنهن کي چيني صدر طرفان مبارڪباد جو پيغام پهچايو، چين جي حمايت تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، چين سالميت، خودمختياري ۽ معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو.

هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف گذريل نومبر ۾ چين جو ڪامياب دورو ڪيو، منهنجي دوري جو هڪ اهم مقصد پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ آهي.

Read Previous

ڪراچي پوليس جي وڏي ڪارروائي، اغوا ٿيل ٻه ٻارڙيون بازياب

Read Next

برطانوي بادشاهه چارلس سوئم کي تاج پارايو ويو

Most Popular