برطانوي بادشاهه چارلس سوئم کي تاج پارايو ويو

لنڊن: برطانيا ۾ زبردست تقريب دوران چارلس سوئم کي بادشاهه ۽ سندس زال ڪيميلا پارڪر کي راڻي جو تاج پارايو ويو.

بادشاهه چارلس سوئم جي رسمي تاجپوشي ويسٽ منسٽر ايبي ۾ ٿي، بادشاهه چارلس پنهنجي تاج پوشي جي وقت 700 سال پراڻي شاهي ڪرسي تي ويٺو هو.

ڪينٽربري جي آرڪ بشپ بادشاهه چارلس کي قسم کڻايو ۽ کيس تاريخي سينٽ ايڊورڊ تاج پارايو. بادشاهه چارلس پڻ حلف نامي تي صحيح ڪئي.

تقريب ۾ مختلف ملڪن جي وزيراعظمن سميت سڄي دنيا مان 2200 کان وڌيڪ سرڪاري مهمانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پرنس هيري ۽ وليم سميت شاهي خاندان جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.

هزارين ماڻهو لنڊن جي روڊن تي قطار ۾ بيٺا هئا، ڪنگ چارلس سويم جي استقبال لاءِ جڏهن هو راڻي ڪيميلا سان گڏ ويسٽ منسٽر لاءِ بڪنگهم پيلس ڇڏيو، بادشاهه چارلس سوئم کي شاهي گارڊز سلامي ڏني.

لنڊن جي روڊن ۽ شاهراهن تي لڳل اسڪرينن تي هزارين ماڻهن تاجپوشي کي ڏٺو.

Read Previous

پاڪستان ۾ سياسي قوتن کي گڏجي سياسي استحڪام آڻڻ گهرجي: چيني پرڏيهي وزير

Read Next

آءِ سي سي رينڪنگ ۾ پاڪستان پهرين نمبر تي اچي ويو

Most Popular