پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جسٽس مظهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جسٽس مظاهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 14 مان 13 ميمبرن جسٽس مظاهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي اجازت ڏني.

اجلاس ۾ رڳو سينيٽر محسن عزيز جسٽس مظاهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي مخالفت ڪئي.

پي اي سي جسٽس مظاهر نقوي جي آمدني، اثاثن جا تفصيل ۽ پرڏيهي سفري تاريخ 15 ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتي آهي.

اجلاس دوران چيئرمين نور عالم چيو ته آڊيٽر جنرل جسٽس مظاهر علي نقوي جي پلاٽن جي ڪيٽيگريز جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري، جڏهن ته نادرا سندس گهرڀاتين جي لسٽ فراهم ڪري.

هن چيو ته هي جسٽس مظاهر يا ڪنهن ايڪسائيز جو معاملو ناهي، هي ڪرپشن جو معاملو آهي، ان ڪري نه ڇڏيندس.

Read Previous

ڀارت چاهي ٿو ته پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلو ٿي وڃي: خورشيد محمود قصوري

Read Next

پنجاب اسيمبلي بحال ڪرڻ واري درخواست رد، درخواستگذار تي هڪ لک رپيا ڏنڊ

Most Popular